پاڪستان اندر ٻارن ۽ عورتن سان زيادتين جو سلسلو ۽ قانون سازيءَ جي کوٽ

ماريا اسماعيل

پاڪستان اندر گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ، مختلف اسڪولن ۽ مدرسن سميت ٻين جڳهن تي ٻارن سان زيادتين، جنسي ڏاڍاين ۽ قتل ٿيڻ سميت ناانصافين جا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا جنهن ڪري سماج ۾ خوف ۽ عدم اعتماد جي فضا پيدا ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومتون به  ٻارن جي جبري پورهئي، ننڊي عمر ۾ شادي ۽ جنسي زيادتي جي خلاف قدم کڻڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن.

آءِ ايل او طرفان 2004 ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب  264000 ٻار ننڍي عمر ۾ گهرن ۾ پورهيو ڪن ٿا، گذريل ڏهن سالن ۾  پوري ملڪ ۾ 140 جنسي ڏاڍاين، تشدد، قتل ۽ ناانصافين جا واقعا رپورٽ ٿيا، سڀ کان وڌيڪ واقعا 79- سيڪڙو پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 14 سيڪڙو ڪيس سنڌ، 6 سيڪڙو اسلام آباد ۽ 1 سيڪڙو ڪيس خيبر پختون خواهه ۾ رپورٽ ٿيا.

پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ، هاري ويفليئر ايسوسيئشن ۽ انسٽيٽيوٽ فار سوشل جسٽس طرفان پاڪستان اندر گهرن ۾ پورهيو ڪندڙ ٻارن تي ٿيندڙ تشدد ۽ واقعن بابت گذريل ڏهن سالن ۾ پيش ايندڙ انگ اکر پڌرا ڪيا ويا آهن، آءِ ايل او طرفان 2004 پاڪستان اندر گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ننڍي عمر جي ٻارن جو تعداد 264000 هيو جيڪو هاڻي وڌي لڳ ڀڳ چار لکن تائين پهتو آهي، سال 2010 کان 2019 تائين گھرن اندر ڪم ڪندڙ ٻارن سان پيش ايندڙ واقعن ۾ جنسي ڏاڍاين، ذهني دٻاءَ، جسماني تشدد ۽ قتل جا واقعا شامل آهن، سال 2010 کان 2019 تائين 140 واقعا پيش آيا جيڪي رپورٽ ٿيا، جڏهن ته اهڙا کوڙ سارا وقعا رپورٽ ٿي نه سگهندا آهن، انهن واقعن ۾ 96 ڪيس گهرن ۾ پورهيو ڪندڙ ٻارن تي تشدد ۽ ريپ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته پوري ملڪ ۾  گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ٻارن جي قتل جا 44 واقعا رپورٽ ٿيا آهن، جيڪي انتهائي ڳڻتي واري صورتحال جي نشاندهي ڪري رهيا آهن، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ ملڪ ۾ گهرن اندر ڪم ڪندڙ ٻارن سان پيش ايندڙ سڀ کان وڌيڪ واقعن جو تعلق پنجاب سان آهي جن جو تعداد 110 آهي ۽ 79 سيڪڙو واقعا پنجاب ۾ پيش آيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 14 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا، اسلام آباد ۾ 6 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 1 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا.

گذريل ڏهن سالن ۾ پاڪستان اندر گهرن ۾ ڪم ڪندڙ 48- ٻارن جنسي زيادتين، قتل ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا انهن ٻارن جي عمر 10 سالن گهٽ هئي، 11سالن کان 14 سالن جي عمر جي ٻارن سان 56 جنسي زيادتين، قتل ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا ۽ 15 کان 18 سالن جي عمر وارن ٻارن سان 36 جنسي زيادتين، قتل ۽ تشدد جا واقعا پيش آيا. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گهرن اندر ڪم ڪندڙ ٻارن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي آهي ۽ انهن ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان جنسي ڏاڍاين ۽ تشدد سميت قتل جا واقعا پڻ پيش اچن ٿا، جن ۾ 13 سالن جي مريم گجرانواله ۾ قتل ڪئي ويي، لاهور ۾ 16 سالن جي عظميٰ کي قتل ڪيو ويو، ڪراچي ۾ 13 سالن جي فضا کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ جج ۽ ان جي زال هٿان گهر۾ پورهيو ڪندڙ طييبه تي تشدد ڪرڻ جو واقعو پڻ رپورٽ ٿيو جنهن تي سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ورتو. حڪومت  پاران ٻارن جي جبري پورهئي تي پابندي بابت ڪورٽ جي حڪمن تي پڻ عمل نه ڪيو، هاءِ ڪورٽ لاهور طرفان ڊسمبر 2018 ۾ پنجاب حڪومت کي حڪم جاري ڪيو ويو هيو ته ٻارن جي جبري پورهئي ۽ ٻارن جي گهرن ۾ پورهيو ڪرڻ تي پابندي هڻڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي.

جڏهن ته ڪراچي ۾ گذريل هڪ سال دوران 407 عورتن کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو. پوليس سرجن آفيس مان جاري ٿيل سالياني رپورٽ موجب عورتن سان جنسي ڏاڍائي بعد 330 مردن کي قانوني گرفت ۾ آندو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 18 سالن کان گهٽ عمر جي 138 ٻارن سان بدفعلي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، ان ٻارن سان بدفعلي ڪندڙ 87 ڄڻن کي قانوني پڪڙ ۾ آندو ويو. رپورٽ موجب 7614 ڄڻن جي زهر کائي آپگهات ڪرڻ جا ڪيس سامهون آيا، ان کان علاوه ڳري هٿيار کان حملي جا 16011 ۽ تيز چنب واري هٿيارن جا 829 ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گولي لڳڻ سبب 1158 ڪيس شهر جي مختلف هنڌن کان رپورٽ ٿيا، شهر ۾ 9 ميڊيڪو ليگ سينٽرز مان رڳو 3 سينٽر ئي فعال آهن. سنڌ هيومن رائيس ڪميشن پاران هڪ رپورٽ جاري ڪئي جنهن موجب ڪراچي 2019ع ۾ 7 هزار 6 سئو خودڪشين جا واقعي پيش آيا ۽ جنسي حراسان ڪرڻ جي واقعي ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.

سنڌجي محتسب اعلي رٽائرڊ جسٽس شاهنواز طارق چيو آهي ته سنڌ اندر مختلف ڪمپنين ۾ ساڌي 3 هزار کان مٿي حراسان ڪرڻ جي خلاف ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن جنهن لاءِ هن ڪيس جي ٻڌاڻي لازمي هوندي. هن چيو ته اسان وٽ تعليمي ادارن، ملٽي نيشنل ڪميپنن سميت گهر ۾ ڪم ڪندڙن عورتن ۽ ٻاڙرن جي حوالي سان شڪايت اينديون آهن جنهن کي حل ڪيو ويندو آهي. صوبائي وزير شهلارضا جو چوڻ آهي ته قانون موجود آهن پر عمل نٿو ٿي. هن چيو ته زينب الرٽ نالي سان قومي اسيمبلي مان بل پاس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پ پ پارٽي جي پروگرام سان 14لک عورتون فائدو وٺڻي رهيون آهن. آءِ جي سنڌڪليم امام ٻارن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندڙ وحشين کي سختيءَ سان چٿڻ جو واعدو ڪندي چيو آهي ته ننڍي عمر ۾ شادين جي حوالي سان شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، اين جي اوز جاڳرتا پيدا ڪن. آءِ جي سنڌ چيو ته عوام جي خدمت، عورتن ۽ ٻارن خلاف مختلف ڏوهن جو خاتمي توڙي مسئلن جو ازالو پوليس جو ويزن آهي. عورتن ۽ ٻارن خلاف ڏوهن ۾ ملوث وحشي جوابدارن کي عوام ۽ سول سوسائٽي سان گڏجي چٿيو ويندو. اين جي اوز عورتون ۽ ٻارن جي حقن توڙي سندن تحفظ جي حوالي سان مسئلن کي اجاڳر ڪن، پوليس سندن ڀرپور ساٿ ڏيندي. آءِ جي سنڌ ڪليم امام ٻڌايو ته وومين پروٽيڪشن سيل ۾ مختلف نوعيتن جون 3 هزار 282 شڪايتون مليون، جِن مان 10 شڪايتن جو تعليق سنڌ کان ٻاهر جي عورتون جو هيو، مجموعي شڪايتن ۾ 3 هزار 134 جو ازالو ڪيو ويو.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومتون پڻ ٻارن جي جبري پورهئي کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، سول سوسائٽي سميت سماج جا ٻيا طبقا پڻ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪن ته پاڪستان اندر گهرن ۾ ڪندڙ ٻار ن ۽ عورتن جو پورهئي هجي يا ٻين هندن تي ان کي روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪري ان کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.