ڇا واقعي ڪوئلي جي کوٽائي خطرناڪ ثابت ٿيندي.؟؟

غازي بجير

ٿرپارڪر ضلعو جيڪو 21 هزار اسڪوائر ڪلوميٽر تي پکيڙ رکي ٿو، ستن تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ننگرپارڪر ۽ ڏاهلي تي مشتمل ضلعي جي ڪُل آبادي 17 لک آهي ۽ 23 سئو ڳوٺ آهن، ٿر جي مٽي ۾ 175 ارب ٽن ڪوئلو موجود آهي، جن مان صرف اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ 12 بلاڪ ڪوئلي جا موجود آهن، هن وقت بلاڪ ٽو مان کوٽائي ذريعي ڪوئلي ڪڍي بجلي ٺاهي وئي آهي ۽ بلاڪ ون تي کوٽائي جو ڪم جاري آهي، باقي بلاڪن تي به ڪم شروع ڪرڻ لاءِ حڪومت سرگرم آهي. ان  کان اڳ ۾ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻانڀڻو ڀيل وٽ بلاڪ نمبر پنج تي گئسيفڪيشن انڊر ڪول ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو ڪافي سال اڳ شروع ڪيو ويوهو، جنهن تي چار ارب کان وڌيڪ خرچ ڪيو ويو، پر اهو منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو، جيڪو مڪمل طور ناڪام ٿيڻ بعد مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي، انهيءَ حوالي سان 2016ع کان ٿر جي ڪوئلي بابت سروي ڪندڙ سول سوسائٽي ۽ انساني حقن تي ڪم ڪندڙ تنظيمن پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ماحول کي وڏو نقصان پهچندو. سماجي تنظيم پنهنجي ڇرڪائيندڙ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

جنهن ۾ تحقيقدان زينيه شوڪت ۽ مشهور آرڪيٽيڪٽ عارف حسين جو چوڻ آهي ته ٿرڪول بلاڪ ٽو مان ڪوئلي جي کوٽائي ۽ پاور پلانٽ تي ڪم ٿيو آهي، انهيءَ جي ڪري مقامي ماڻهن جي روزگار ۽ ماحوليات تي وڏا اثرات ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي متاثر ٿيو آهي، لينڊ قانون نالي ماتر هجڻ ڪري ماڻهن کي جائز معاوضا ناهن مليا ۽ ماڻهو پنهنجن حقن خاطر اڃا تائين جدوجهد ڪري رهيا آهن، مشهور آرڪيٽيڪٽ ۽ شهري امور جي ماهر عارف حُسين ڄاڻايو ته زمين بابت قانون تي عملدرآمد ٿئي ها ته ماڻهن کي ماوضو ملي سگهي ها، ٿر جي اڌ زمين مختلف ڪمپنين حوالي ڪئي ويي آهي، جنهن سبب مقامي ماڻهن جا حق متاثر ٿيندا، ڇو ته هڪ ليز ختم ٿيڻ بعد انهي کي ايندڙ 30 سالن لاءِ وري ليز تي ڏئي سگهجي ٿي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪمپنين کي زمين جو مالڪ بڻايو پيو وڃي ۽ زمين مالڪن جي مالڪي ختم ڪئي پئي وڃي، زمين مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، جنهن سان زير زمين مٺو پاڻي ختم ٿي ويندو، ڪوئلي جي کاڻ مان پاڻي ڪڍي گوڙاڻو ڊيم ۾ اُڇلايو پيو وڃي، جنهن سان اتان جا وڻ مڪمل سڙي ويا آهن. گوڙاڻو ڊيم جي آسپاس علائقن ۾ ڪلر ٿي ويو آهي. پاڻي کوهن ۾ سيپيج ڪري داخل ٿي رهيو آهي، گوڙاڻو ڊيم هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي، ڇو ته اُتان جي ماڻهن پنهنجو آواز مضبوطي سان اُٿاريو آهي.

گوڙاڻو ڊيم سبب علائقي جو سمورو ماحول تباهه ٿي رهيو آهي، مقامي ماڻهن کي متبادل روزگار لاءِ ڪجھ به ناهي ڏنو ويو، ماڻهن جي زراعت ۽ گئوچر جو عام استعمال ۽ جانورن جي لاءِ چاري جو اهم ڪارڻ هوندي آهي، جيڪو متاثر ٿي رهي آهي، هن پروجيڪٽ جي ڪري ٻاهر کان ڌاريا ماڻهو هتي زمينون خريد ڪري رهيا آهن، جنهن سبب مقامي آبادي گهٽجي ويندي ۽ ماڻهو بي گهر ٿي سگهن ٿا، ٿرڪول جي ڪري ثقافت ۽ ڪلچر کي شديد خطرا درپيش آهن. پاڪستان پئرس ۾ ٿيل عالمي معاهدي تحت واعدو ڪيو هو ته 2050 تائين ڪوئلي ذريعي بجلي پيداوار ختم ڪئي ويندي، پر پاڪستان پنهنجي پاليسي ۾ لکيو آهي ته 2050ع تائين پاڪستان پنهنجي انرجي 50 سيڪڙو ڪوئلي جي ذريعي پوري ڪندو، جنهن جو مطلب ته حڪومت هن پروجيڪٽ تي وڏي رقم خرچ ڪري چڪي آهي، پر ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو به خرچ نه پيو ڪيو وڃي.

60 صفن تي مشتمل جاري ڪيل رپورٽ ۾ مختلف نقصانن بابت انڪشاف ڪندي عوامي ڀلائي لاءِ ڪا به پاليسي واضع نه هجڻ جو ڄاڻايو ويو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته حڪومت سنڌ اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود انهي جو ٻه سيڪڙو به عوام تي خرچ ناهي ڪيو، ماحوليات سميت انساني حقن جي سرعام لتاڙ ڪئي پئي وڃي، مقامي ماڻهن جي زندگي تبديل ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي ناهي جوڙي وئي. رپورٽ جي صفي نمبر 48 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر ۾ ڪوئلي سميت سڀني معدني وسيلن تي حقيقي وارثي اتان جي ماڻهن جي هجڻ کپي، جيڪا نظر نه ٿي اچي، ٿر جيڪو صدين کان وٺي برساتي موسم تي ڀاڙي ٿو، اتي جديد بنيادن تي ماڻهن کي زراعت لاءِ پائيپ لائينن ذريعي مٺو پاڻي مهيا ڪيو وڃي، مختلف روزگار جا موقعا فراهم ڪري مقامي ماڻهن کي ئي اول ترجيع ڏني وڃي. ٿرڪول بلاڪ پنج تي گئسيفڪيشن وارو منصوبو ناڪام ٿي ويو، انهي تي لڳايل اربين روپيا ٻُڏي ويا، اتي جي عوام کي ڪو به فائدو نه مليو ائين ٿئي جو هي منصوبا به ائين ئي ناڪام ٿي وڃي، اُنهيءَ تي اڳواٽ حڪومت کي سوچڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.