وزيراعظم جي پير پاڳاري سان ملاقات

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان حڪومتي اتحاد ۾ شامل گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ڪنگري هائوس ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي، جتي وفاقي وزير محمد ميان سومرو، اسد عمر، فيصل واوڊا، علي زيدي، غلام سرور خان ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به موجود هئا.

ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي طور ڳالهه ٻولهه ڪئي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ جي ڊي اي اڳواڻن عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي سهڪار جي به خاطري ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.