مصر ۾ ماسترياڻين جي نقاب تي پابندي جو فيصلو برقرار

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر جي اعليٰ ترين عدالت چهري جي نقاب تي پابندي جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

ان فيصلي خلاف درخواست رد ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ملڪ جي مشهور يونيورسٽي جي عورتن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي ته اهي تدريسي عمل دوران مُنهن تي نقاب نه ڪري سگهنديون.

مصر جي اعليٰ انتظامي عدالت قاهرا يونيورسٽي جي صدر طرفان 2015 ۾ لڳايل ان پابندي کي برقرار رکيو آهي.

واضح رهي ته ان پابندي خلاف 80 محققن درخواست ڏني هئي پر موجوده فيصلو حتمي آهي ۽ هاڻ ان خلاف ڪا اپيل نٿي ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.