منظور پشتين جي گرفتاري خلاف پي ٽي ايم جو سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) منظور پشتين جي گرفتاري جي مذمت ڪندي سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پشاور جي شاهين ٽائون مان منظور پشتين جي گرفتاري جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ محسن داوڙ ۽ علي وزير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي، جتي پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو سينيٽر عثمان ڪاڪڙ، اڳوڻو سينيٽر افراسياب خٽڪ ۽ پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر به موجود هئا.

ان موقعي تي محسن داوڙ چيو ته مان پوليس کان منظور پشتين جي گرفتاري جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهيان پر ڪو سبب ناهي ٻڌايو ويو ۽ سهڪار کان انڪار ڪيو ويو آهي.

هن گرفتاري کي اغوا قرار ڏيندي چيو اسان سمجهون ٿا ته منظور پشتين کي بنون ۾ تقرير ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جتي هن چيو هو ته مان سڀني پشتون اڳواڻن کي گڏ ڪندس.

هن اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو، ڪارڪن سدائين جيان پرامن رهن.

پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر چيو ته اسان جي جماعت منظور پشتين جي گرفتاري جي مذمت ۽ سندس آزادي جو مطالبو ڪيو آهي، عجيب ڳالهه آهي ته بچاءَ وارو وزير پي ٽي ايم کي ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي پر منظور پشتين جي گرفتاري اک کولڻ لاءِ ڪافي آهي.

سينيٽر عثمان ڪاڪڙ به منظور پشتين جي گرفتاري جي مذمت ڪئي، جڏهن ته اڳوڻي سينيٽر افراسياب خٽڪ منظور پشتين جي گرفتاري کي خطرناڪ قدم قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.