مهانگائي ڪندڙ مافيا کي پڪڙينداسين، ڪنهن کي نه ڇڏبو: وزيراعظم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مافيا پئسو ٺاهڻ لاءِ ملڪ ۾ مهانگائي ڪندي آهي، جنهن کي پڪڙينداسين ۽ ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

ڪراچي ۾ ”ڪامياب جوان پروگرام“ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو نوجوان آهن، نوجوانن جي ڪاميابي سان قومون ڪامياب ٿينديون آهن ۽ اهي ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ۾ جيتري ميرٽ هلندي، ايترو ڪامياب ٿيندو، پروگرام تحت ميرٽ تي قرض ڏنا ويندا ۽ ڪامياب جوان پروگرام ۾ درخواست گذارن مان ڪنهن سان به امتيازي ورتاءُ نه ڪيو ويندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: پاڪستان ۾ ريلوي کان وڌيڪ ڪرپٽ ڪو ادارو ناهي: چيف جسٽس

سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر قسم جي قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي پر ميرٽ تي نه هجڻ سبب ملڪ ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو، سفارشي ڪلچر سبب اسان جا ادارا ڪمزور ٿيا.

وزيراعظم چيو ته پروگرام جو مقصد نوجوانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي، پاڪستان کي عظيم ملڪ ٺاهڻ ۾ نوجوانن جو هٿ هوندو، اسان جو ملڪ ٽئلينٽ هجڻ باوجود دنيا سان مقابلو نه پيو ڪري سگهي، هيٺين طبقي تي خرچ ڪيون ته ملڪ ترقي ڪندو.

عمران خان موجب قومن تي ڏکيا وقت ايندا رهندا آهن، منهنجو هڪ ئي خواب آهي ته پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻايان، ڏکيو وقت زندگي جو حصو آهي، ان کان نه گهٻرائڻ گهرجي، ڪيترن ئي اجلاسن ۾ وزيرن کي پريشان ڏسندو آهيان، اهي چوندا آهن ماڻهو چئي رهيا آهن ته مهانگائي ٿي وئي، وزيرن کي چوندو آهيان مهانگائي کان نه گهٻرايو، مافيا پئسو ٺاهڻ لاءِ ملڪ ۾ مهانگائي ڪندي آهي، جنهن کي پڪڙينداسين ۽ ڪنهن کي نه ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.