لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو سيپڪو جي حمايت ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلا واسي ريڙهي تي فروٽ کپائيندڙ پورهيت ممتاز علي جمالي سيپڪو انتظاميه جي حمايت ۾ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته شهري سيپڪو وارن سان سهڪار ڪري پنهنجي گهرن ۾ ميٽر لڳائي بجلي استعمال ڪن جنهن سان قومي ناڻي ۾ اضافو ٿيڻ سان گڏ بجلي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيندو جڏهن ته ڪجهه بااثر سيپڪو خلاف روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻي رهيا آهن جيڪو غيرقانوني عمل آهي ڇاڪاڻ ميٽر لڳائڻ سان بجلي جي بچت به ٿيندي ۽ ٽرانسفارمر به ڪونه سڙندا هن وقت لاڙڪاڻي شهر جا اڪثر ٽرانسفارمر ڪنڊا ڪنيڪشنن جي ڪري خراب پيل آهن.

هن شهرين کي اپيل ڪئي ته بجلي جي واهپي لاءِ ميٽر لڳائي قانوني طور بجلي استعمال ڪئي وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.