ڪوٽڏيجي ۾ شهري رڌ پچاءُ لاءِ پريشان، گئس اڻلڀ، احتجاجي مظاهرو

ڪوٽڏيجي(رپورٽ:امان الله بگٽي) ڪوٽڏيجي ڪوٽبنگلو جي شهرين هٿرادو گئس جي لوڊ شيڊنگ خلاف شهرين پريس ڪلب ڪوٽڏيجي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هتان جي سوئي گئس انچارج شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي ڪوٽڏيجي ڪوٽبنگلو جي آس پاس جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري اسان شهرين کي مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي جڏهن ته گئس ۾ پريشر نه هجڻ ڪري  اسان مجبورن جهنگ جو رک ڪريون ٿا ۽ جتان ڪاٺيون ڪري اچي رڌ پچاء ڪريون ٿا يا وري هوٽلن تان ماني خريد ڪيون ٿا احتجاج ڪندڙ شهرين ۾ سيد افضل حسين شاه، رياض لاشاري، عاشق لاشاري، بشير خان بلادي فضل بگٽي علي حسن چنا، ثناء ﷲ بگٽي اقبال حسين شيخ، غلام شبير سومرو  ثمر چنا، ڪامران حيدر ،ياسر علي سيد آصف علي شاهه ۽ سماجي اڳواڻ امان بلوچ ۽ ٻين وڌيڪ ٻڌايو ته بجلي کان پوءِ هاڻي گيس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري گئس وارن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي اسان جا ننڊڙا معصوم ٻار بنا ناشتو ڪرڻ جي اسڪول وڃن ٿا ۽ منجهند جو اسڪول مان واپس تي نگهداشت حالت ۾ اچن ٿا اسان کي پنهنجي ٻچڙن جو بک برداشت نه ٿو ٿي سگهي تنهن ڪري جهنگ مان وڃي ڪاٺـيون ڪري اچي رڌ پچاء ڪيو ٿا يا وري هوٽلن تان ماني خريد ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليون ٿا اسان ڪيترائي ڀيرا گئس جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شڪايتون کڻي گئس آفيس وڃون ٿا پر اسان کي سرائي مجاور لاشاري ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجهه ناهي مليو ۽ پنهنجي منپسند علائقن کي گئس پريشر سان فراهم ڪري ٿو ۽ اسان جي ڪوٽبنگلو شهر کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي اسان پاڪستان جي وزيراعظم ۽ معدنيات واري وفاقي وزير کان گهر ڪئي آهي ته مامري جي جاچ ڪرائي هتان جي گئس عملي خلاف ڪارروائي ڪري گئس لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.