حيدرآباد روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل مقصودي واسين جي تدفين

مقصودورند  (ن ع آ) حيدرآباد قومي شاهراهه تي ڇلگري اسٽاپ وٽ ٽريلر جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل ڳوٺ شڪل ٽالپر جي ٽن ڄڻن 20 ورهين جو فياض علي ٽالپر ولد گلبهار ٽالپر، 4 سالن جي نينگري ربينا ڌي گلبهار ٽالپر ۽ 10ورهين جي عزيزان ڌي امام بخش ٽالپر جو لاش مقصودي رند لڳ ڳوٺ شڪل ٽالپر آنديا ويا، فوتين جي جنازي نماز ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائيندي توڙي اعليٰ اختيارن جي ڪنهن به عملدار شرڪت نه ڪئي. تدفين ۾ سماجي ورڪر مير امداد ٽالپر ،راجه عمران انڙ ،عبدالمجيد ٽالپر سميت علائقي واسين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻي طرف سماجي ورڪر مير امداد ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فوتين جو خاندان مسڪين ۽ غريب آهي هن چيو ته هن معاشري ۾ غريبن ۽ مسڪينن جي ڪوبه واهر ڪرڻ وارو ناهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.