آسٽريلوي ۽ آمريڪي سائنسدانن نئون ’’ڊريڪولا‘‘ گرهه دريافت ڪري ورتو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ۽ آمريڪي سائنسدانن گڏيل تحقيق ڪندي زمين کان 3000 نوري سال پوري برج عقرب (اسڪارپيئن) جي پاسي ۾ ئي اهڙو گِرهه دريافت ڪيو آهي جيڪو پنهنجي پاڙيسري گرهه مان نڪرندڙ گيس کي لڳاتار هڙپ ڪرڻ ۾ مصروف آهي يعني هو ڪنهن ڊريڪولا جيان پنهنجي ويجهي گرهه جو رت پي رهيو آهي، اهي ٻئي هڪٻئي جي تمام ويجهو آهن ۽ هڪٻئي جي چوڌراي چڪر به لڳائي رهيا آهن.

واضح رهي ته گرهن جو ڪو اهڙو نظام جيڪو ٻن ستارن تي ٻڌل هجي، ان کي ‘‘بائنري سسٽم’’ چوندا آهن.

انهن مان هڪ اڇو بونو آهي جيڪو اصل ۾ سج جيترو ئي هڪ گرهه آهي جيڪو پنهنجو سڄو نيوڪليائي ٻارڻ ڦوڪڻ بعد هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ جنهن مان خارج ٿيندڙ روشني به تمام گهٽجي چڪي آهي، ان جي پاڙيسري گرهه کي ‘‘برائون ڊوارف’’ چيو ويندو آهي پر هو صحيح معنيٰ ۾ گرهه ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.