عدالت سلميٰ بروهي کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت جوڊيشل مجسٽريٽ سيوهڻ امتياز ڀٽو جي چيمبر ۾ مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل عورت کي پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

عدالت طرفان اجازت ملڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي جي دارالامان مان سلميٰ بروهي کي ڇڏيو ويو جنهن کان پوءِ دارالامان کان ٻاهر ايندي ئي پوليس عورت کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو.

پوليس موجب ڊي اين اي جي لاءِ عورت کي حيدرآباد يا ڪراچي منتقل ڪيو ويندو جتي عورت سميت 4 ڄڻن جا ڊي ايي اي سيمپل ورتا ويندا.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت بازيابي کان پوءِ 2 ڏينهن سيوهڻ ٿاڻي ۾ حراست هيٺ رهي جنهن جي ڪري ايس ايڇ او مظهر جو به ڊي اين اي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب جج امتياز ڀٽو ۽ عورت جي مڙس نثار بروهي جو به ڊي اين اي ٿيندو.

ٻئي پاسي پوليس اختيارين طرفان معطل سول جج امتياز ڀٽو کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ لکيل خط کي 2 ڏينهن گذري ويا پر سول جج هن وقت تائين پوليس سان رابطو ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.