پنجاب جي وڏي وزير سان تحريڪ انصاف جي ناراض گروپ جي ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تحريڪ انصاف جي ناراض پنجاب اسيمبلي ميمبرن جي گروپ ملاقات ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ۾ ناراض گروپ جا 14 اسيمبلي ميمبر موجود هئا جنهن ۾ غضنفر عباس، محمد علي، رضا خان خاڪواڻي، مامون تارڙ، خواجا محمد دائود سليماني، محمد عامر عنايت شهاڻي، محمد احسن جهانگير، سردار محمد محي الدين ۽ سردار شهاب الدين شامل هئا.

ملاقات ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وڏي وزير عثمان بوزدار جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وڏي وزير ۽ اسان جي وچ ۾ بهترين ورڪنگ ريليشن شپ موجود آهي.

پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جو وڏي وزير کي چوڻ حو ته اسان کي توهان جي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي، اسان توهان سان گڏ هئاسين، آهيون ۽ رهنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.