”دنيا ۾ 258 ملين ٻار تعليم کان محروم“

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي نائب سيڪريٽري امينا محمد ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ 17 ورهين جي عمر کان گهٽ جا 258 ملين ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم آهن، ان سان گڏوگڏ 770 ملين بالغ به اڻ پڙهيل آهن.

امينا محمد موجب تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن ۾ به رڳو 49 سيڪڙو سيڪنڊري اسڪول مڪمل ڪري سگهن ٿا.

اهڙن خيالن جو اظهار هن تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي تقرير ڪندي ڪيو.

واضح رهي ته گڏيل قومن جو هدف آهي ته 2030 تائين دنيا ۾ سڀني ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.