اٽي جو بحران ڇو ٿيو…؟ جاچ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان کي ملڪ ۾ جاري اٽي جي بحران بابت رپورٽ موڪلي وئي آهي.

وزيراعظم اٽي جي بحران جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي هئي ۽ وزيرن کي بحران جا سبب ڄاڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو هو.

ذريعن موجب وزيراعظم کي ملڪ ۾ جاري اٽي جي بحران بابت رپورٽ موڪلي وئي، جنهن موجب بحران باقاعدي هڪ رٿابندي تحت پيدا ڪيو ويو، جنهن ۾ آفيسر ۽ ڪجهه سياسي شخصيتون به ملوث آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ اٽي جو بحران پيدا ڪرڻ جي ذميوار بيورو ڪريٽس ۽ سياسي شخصيتن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب خوراڪ کاتي جي سياسي دٻاءُ هو ۽ انتظامي نااهلي سبب اٽي جو بحران پيدا ٿيو، نومبر 2018 تائين 1150 رپيا في مڻ کپجندڙ ڪڻڪ 1950 رپين تائين منصوبابندي سان پهچائي وئي.

ذريعن جو چوڻ هو ته ٻه مهينا اڳ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود هئي پر ڊسمبر 2019 ۾ ڪڻڪ مارڪيٽ مان گم ٿيڻ شروع ٿي وئي، گذريل مهيني لاهور جي فلور ملز جي ڪوٽا 50 مان گهٽائي 45 ٻوريون ڪئي وئي ۽ راولپنڊي جي فلور ملز جي ڪوٽا 25 مان وڌائي 30 ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊسمبر ۾ ئي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي في مڻ قيمت 1950 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته خوراڪ وارو سيڪريٽري وقاص علي محمود به فلور ملز جي ڪوٽا وڌائڻ بابت فيصلو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.

ذريعن موجب مل مالڪن کي صاف ڪڻڪ 21 سئو رپيا في مڻ ملڻ تي به چڪي مالڪن اٽي جو اگهه وڌايو.

وزيراعظم عمران خان کي موڪليل رپورٽ تي پنجاب حڪومت جي ترجمان جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي اٽي بحران تي موڪليل رپورٽ جو علم ناهي پر رپورٽ سامهون اچڻ تي ان حوالي سان واضح موقف ڏنو ويندو.

واضح رهي ته ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب اٽي بحران جو ذميوار تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين ۽ وفاقي وزير خسرو بختيار کي قرار ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.