”اپوزيشن نه اسان پاڻ خرابيون پيدا ڪري رهيا آهيون“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته اپوزيشن نه پر اسان پنهنجي خلاف پاڻ خرابيون پيدا ڪري رهيون آهن.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته چين پاڪستان سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، چين اسان جو آهي ۽ اسان چين جا آهيون، سي پيڪ خلاف ڪا سازش ڪامياب نه ٿيندي، ريلوي جي ترقي ملڪ جي ترقي آهي، منهنجي زندگي جو مقصد ايم ايل ون آهي، اهو هر صورت ۾ مڪمل ٿيندو، اهو منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس.

هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مجبوري ۽ ضروري آهي، 6 ارب ڊالر ٻيو ڪير ڏئي ها ته آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻو پئي ها، ڏکئي وقت ۾ چين پاڪستان سان گڏ بيٺو هوندو، 10 سالن ۾ پنهنجو قرض واپس ڪري ڇڏينداسين.

سندس چوڻ هو ته 16 مهينن ۾ جيڪي مسئلا اسان کي مليا، ڪنهن حڪومت کي نه مليا، مڃان ٿو ته اسان اٽي جي بحران تي ضابطو نه آڻي سگهياسين، مان ڪابينا اجلاس ۾ اٽي جي برآمد خلاف ووٽ ڏنو هو، مان هڪ ووٽ جو ليڊر آهيان، عمران خان منهنجي جيتري ڳالهه مڃي ٿو، اهو ئي کوڙ آهي، کنڊ مهانگي ٿيڻ جا ذميوار شگر ملز مالڪ آهن، ملڪ ۾ مضبوط پرائس ڪميٽي هجڻ گهرجي.

شيخ رشيد ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي بڪواس قرار ڏيندي چيو ته اها ڪوڙ تي ٻڌل آهي، عمران خان ايماندار انسان آهي، ان جي شاهدي مان ٿو ڏيان، وزيراعظم هر ڏکيائي مان نڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هن جيڏي محنت ڪئي آهي، ايڏو نتيجو ناهي نڪتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.