عثمان بوزدار جو جهانگير ترين سميت پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ پارٽي جي ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون.

گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پنجاب ۾ وڏي وزير جي تبديلي جون خبرون گردش هيٺ رهيون آهن جڏهن ته تحريڪ انصاف ۾ به پريشر گروپ بڻجڻ جون خبرون گردش هيٺ آهن ۽ گڏوگڏ ئي اتحادي پارٽي مسلم ليگ ق به ناراض آهي.

اهڙي ۾ وڏي وزير عثمان بوزدار تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ جهانگير خان ترين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف گڏ آهي، افواهه پکيڙيندڙ به ناڪام رهيا ۽ هاڻ به ناڪام رهندا.

هن چيو ته پنجاب ۾ نه ڪو فارورڊ بلاڪ آهي ۽ نه ئي پريشر گروپ، اتحادي پارٽي کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون ۽ پنجاب حڪومت جا سمورا اسٽيڪ هولڊرز هڪ صفحي تي آهن، اختلاف جي پروپيگنڊا ڪندڙ جا عزم ڪامياب نه ٿيندا ۽ ڏيڍ سال ۾ اُهي ڪم ڪيا جيڪي ماضي جون حڪومتون ورهين ۾ نه ڪري سگهيون.

ان موقعي تي جهانگير ترين جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت سڀني کي گڏ کڻي هلي رهي آهي، اسان جو مقصد نيڪ ۽ درست آهي، اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي ان ڪري گڏجي عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين.

هن چيو ته سازشُون ڪندڙ پوئتي رهجي ويندا ۽ وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئون پاڪستان اڳتي وڌي ويندو.

ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد جي به ملاقات ٿي.

ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، فلاح عام جي منصوبن، راولپنڊي جي ترقياتي منصوبن ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان ۾ هر علائقي کي گڏيل ترقي ڏئي رهيا آهيون، ماضي جيان مخصوص شهرن جي لاءِ وسيلا مختص ناهن ڪيا.

ان کان سواءِ وڏي وزير عثمان بوزدار سان انصاف لائرز فورم جي وفد به ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن وڪيل برادري جا مسئلا جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته هر طبقي جي حياتين ۾ آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن، آئون پاڻ وڪيل آهيان ۽ وڪيلن جي مسئلن جو ادارڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.