ڪراچي مان گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ اچڻ وارو معاملو: سي سي ٽي وي ويڊيوز هٿ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي علائقي ڪلفٽن مان گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه اڇلڻ وارن جي ويڊيو منظر تي اچي وئي آهي.

گذريل ڏينهن ڪلفٽن ۾ ڊرائيونگ لائسنس برانچ جي ڀرسان ڪچري جي ڍير تان ٽن گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه ملي هئي جنهن کي بعد ۾ صفائي واري کاتي سان تعلق رکندڙ ماڻهو گاڏي ۾ وجهي ساڻ کڻي ويا.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته اڻڄاتل ماڻهو مبينا طور تي ذبح ڪيل گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه اڇلي ويا.

ذريعن موجب پوليس واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي مختلف رخن کان معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

جاچ ذريعن ٻڌايو ته گڏهن جي اوجهه ملڻ واري جاءِ جون مختلف ويڊيون حاصل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڏٺو ويو آهي ته هڪ گاڏي گڏهه جي اوجهه اڇلائيندي نظر اچي رهي آهي، جنهن مان ائين ٿو لڳي ته گڏهن کي پرڏيهين جي لاءِ ذبح ڪيا ويا هئا ڇو ته ڪجهه پرڏيهي گڏهه کي گوشت لاءِ ذبح ڪرائيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.