دنيا جي سڀ کان ننڍي اڏامندڙ ڪار تيار

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي هڪ ڪمپني دنيا جي سڀ کان  ننڍي اڏامندڙ ڪار ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ثبوت جي طور تي هڪ ويڊيو به جاري ڪئي آهي ۽ ان ڪار ۾ هڪ ماڻهو آرام سان ويهي سگھي ٿو.

ڪمپني موجب هن سال گرمين جي موسم ۾ عوام جي سامهون هڪ اڏامندڙ گاڏي پيش ڪئي ويندي جنهن جي اڏام جو پڻ مظاهرو ڪيو ويندو.

ڪمپني موجب ناگويا جي شهر جي ڪمپني جي تحقيقي اڏام مرڪز  ۾ ڏينهن رات ان جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.

جاپان جي مشهور اخبار ۽ ويب سائيٽ اساهي شامبون موجب ان جي وڪري جي بڪنگ 2023ع کان شروع ٿيندي جڏهن ته 2026ع کان خريدارن تائين آرڊر جي فراهمي جو سلسلو جاري هوندو. هن وقت فلائيٽ ٽيسٽ ۾ انسان کي ويهاري يا وري رموٽ ڪنٽرول سان آزمائش ڪئي پئي وڃي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٽوئيٽر واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري، نئون فيچر متعارف

ان کي تيار ڪرڻ ۾ مک ڪردار ٽويوٽا ڪمپني جي اڳوڻن انجينيئرن جو آهي جن ان کي ڊزائين ڪيو آهي. پنهنجي بيهڪ جي ڪري ان کي دنيا جي سڀ کان ننڍي اڏام قرار ڏئي سگھجي ٿو. 2017ع ۾ ٽويوٽا ڪمپني تحقيق لاءِ اسڪاءِ ڊرائيور ڪمپني کي ساڍا ٽئي لک ڊالر ڏنا هئا.

 

اسڪاءِ ڊرائيور وڌيڪ حقيقتون ٻڌائڻ کان انڪار ڪندي ڪجهه تصويرون ۽ هڪ ويڊيو ئي جاري ڪئي آهي. ڪمپني موجب سمورا آزمائشي مرحلا ڪاميابي سان جاري آهن. ڪار جي ماڊل جي اونچائي پنج فٽ، ڊيگھه ۽ ويڪر ٻئي 12 فٽ آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:پاڪستان ۾ سستي ترين موبائل متعارف

اسڪاءِ ڊرائيور موجب گنجان شهرن مثال طور ٽوڪيو ۽ نيويارڪ لاءِ اها هڪ بهترين سواري هوندي ۽ ان کي ماڻهن جي مدد ۽ حادثن ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

هوا ۾ ان جي رفتار 62 ميل في ڪلاڪ هوندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.