سماجي تنظيم هينڊز پاران گڏاپ ۾ 40 سالا سالگرهه تقريب

وامي آواز رپورٽ
سماجي تنظيم هينڊز پاران گڏاپ ۾ 40 سالا سالگرهه تقريب
وامي آواز رپورٽ سماجي تنظيم هينڊز پاران گڏاپ ۾ 40 سالا سالگرهه تقريب

 

 

سماجي تنظيم هينڊز پاران هينڊز جي گڏاپ هيڊ آفيس ۾ 40 سالا سالگرهه تقريب ۽  نيشنل ڪلچر ڪنويشن ڪوٺايو ويو، تقريب ۾ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، غلام مرتضيٰ بلوچ، سيد ناصر شاهه، شهلا رضا، ايم پي اي نصرت سحر عباسي، صوبائي صلاحڪار وير جي ڪولهي، ايم پي اي راجا عبدالرزاق، چيئرمين هينڊز پروفيسر عبدالغفار بلو، سي اي او ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد، مينيجر نديم وڳڻ سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ،اسماعيل راهو، غلام مرتضيٰ بلوچ ، شهلا رضا ، چيئرمين هينڊز عبدالغفار بلو ۽ سي اي او هينڊز ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد خطاب ڪندي چيو ته هينڊز پنهنجا 40 سال مڪمل ڪري چڪي آهي ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان جون برانچون ۽ پراجيڪٽ ڪم ڪري رهيا آهن تنظيم  جو مقصد صرف ۽ صرف عوام جي خدمت ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ آهي، ان موقعي تي اسڪولي ٻارن ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ۽ بهتر ڪارڪردگي حاصل ڪندڙ هينڊز جي نمائندن کي مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.