سکر: عورتن لاءِ جاکوڙيندڙن تنظيم پاران عورت آزادي مارچ ڪڍڻ جو اعلان

وامي آواز رپورٽ
سکر: عورتن لاءِ جاکوڙيندڙن تنظيم پاران عورت آزادي مارچ ڪڍڻ جو اعلان
وامي آواز رپورٽ سکر: عورتن لاءِ جاکوڙيندڙن تنظيم پاران عورت آزادي مارچ ڪڍڻ جو اعلان

 

 

سکر ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ تنظيم پاران عورت آزادي مارچ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو.

عورتن اڳواڻ عرفانا ملاح، امر سنڌو ۽ ٻين سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عورت آزادي مارچ 8 مارچ تي روهڙي جي علائقي ٻيڙي چوڪ کان سکر پريس ڪلب تائين ڪڍيو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان هزارين عورتون شرڪت ڪنديون.

هنن چيو ته سنڌ ۾ عورتن تي تشدد جي واڌ ٿي رهي آهي ،عورتن جي تحفظ لاءِ قانون هجڻ باوجود ان تي عمل ناهي ٿي رهيو،

سندن چوڻ هو ته عورت مارچ جو مقصد جاگيرداراڻي نظام ، عورتن تي جنسي تشدد ، سردارن پاران ڪيا ويندڙ جرڳن  ۽  ننڍي عمر جي ٻارڙين جي شادي جو خاتمو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته عورتن بابت امتيازي قانون ختم ڪري  عورتن جا سمورا شهري حق بحال ڪيا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.