ميڊيا مظلوم ماڻهن جو آواز آهي:سوڀو اوٺو

نئون ڪوٽ ( ن ع آ ) نئون ڪوٽ جي گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جي هيڊ ماستر سوڀو خان اوٺو ۽ تعلقي جهڏوجي گسٽا اڳواڻ محمد موسيٰ احمداڻي گسٽا نئون ڪوٽ جي اڳواڻ عبدالرزاق خاصخيلي اشوڪ ڪمار ڪيلا پاران پريس ڪلب نئون ڪوٽ جي چونڊيل نئين سال جي عهديدارن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، گلن جا هار پارايا ۽ سنڌ جي ثقافتي  ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا، ان موقعي تي هائر سيڪنڊري اسڪول نئون ڪوٽ جي هيڊ ماستر سوڀو خان اوٺوخطاب ڪندي چيو ته ميڊيا مظلوم ماڻهن جو آواز آهي ۽سڄي دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي، ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر محمد عمر ساگر لاشاري چيو ته پريس ڪلب نئون ڪوٽ ۾ سماجي تقريبون ۽ ڪتابي اسٽال لڳايا ويندا، جنهن لاءِ پريس ڪلب نئون ڪوٽ جو وفد مختلف پبلشرن سان  جلد ملاقاتون ڪندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.