ٺٽي ۾ ڪشميرين جي حمايت ۾ ريلي

ٺٽو(ڊ ر) آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئشن ضلعي ٺٽي طرفان ڪشميري ڀائرن سان اظھار يڪجھتي طور  ريلي سيد رياض علي شاھ ۽ محمد ابراھيم راھمون جي اڳواڻي  ۾ ڊي سي آفيس مڪلي کان پبلڪ پارڪ تائين ڪڍي وئي، جنھن ۾ ڊي سي آفيس جي سمورن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي سيد رياض علي شاھ چيو ته ھندستان ڪشمير ۾ ڪشميري مسلمانن سان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي، جنھن تي اقوان متحده سميت عالمي ادارا خاموش بڻيل آھن. ھنن   مطالبو ڪيو ته ڪشمير ۾ ھندستاني جارحيت ختم ڪري کين آزادي سان رھڻ جو حق ڏنو وڃي.

حيدرآباد جي علائقي مڪراني پاڙي ۾ ايڌي جي زمين تي قبضو برقرار

حيدرآباد (ن ع آ) اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل حيدرآباد، حيدرآباد جي علائقي مڪراني پاڙي ۾ ايڌي فائونڊيشن جي زمين تي قبضي خلاف داخل درخواست تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد، اي سي لطيف آباد، مختيارڪار لطيف آباد، بلديا جي اينٽي انڪروچمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر سميت 14 عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 6 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي. ايڌي فائونڊيشن جي زونل انچارج معراج احمد پنهنجي وڪيل جنيد سومرو معرفت ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ هن ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، انچارج اينٽي انڪروچمينٽ سيل لطيف آباد، ايس ايس پي حيدرآباد، ۽ فقير محمدٰ، عبدالستار سميت 14 ڄڻن کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته بلقيس ايڌي فائونڊيشن جي مڪراني پاڙي ۾ زمين آهي جنهن ۾ ايڌي پاران غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي علاج لاءِ هڪ فلاحي اسپتال قائم ٿيل آهي پر اسپتال جي لڳ ڀڳ 20 هزار فٽ ايراضي تي بااثر ماڻهن مبينا طور تي قبضو ڪري ڪمرشل مارڪيٽ ٺاهي ڇڏي آهي. درخواست گذار جي وڪيل ٽربيونل کي ٻڌايو ته قبضا مافيا خلاف داخل پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد قبضو خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پر ضلعي انتظاميا 8 مهينا گذرڻ باوجود ايڌي جي پلاٽ تان قبضو ختم نه ڪرائي سگهي آهي. اينٽي انڪروچمينٽ ٽربيونل حيدرآباد دليل ٻڌڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 6 فيبروري تي جواب سميت ٽربيونل ۾ طلب ڪري ورتو آهي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.