ڇاڇري لڳ بيمار ناري کي سنگهرن ساڻ ٻڌڻ جو نوٽيس

ڇاڇرو (ت ر) ڇاڇرو جي ڳوٺ ڀڳتاڻي ۾ نوجوان شادي شده ناري ديوي ميگھواڙ جو دماغي توازن درست نه ھئڻ سبب سنگھرن سان ٻڌل ھئڻ   جون خبرون مختلف اخبارن ۽  ٽي وي چينلن   تي ھلڻ   بعد ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر   نوٽيس ورتو جنھن بعد اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ڪبيرشاھ نفسيات جي  ڊاڪٽر ڀرت ڪمار, ڊاڪٽر عظما راھمون ,ڊاڪٽر موھن ڌناڻي ۽ ٻيا ڳوٺ ڀڳتاڻي پھتا سنگھرن سان ٻڌل ناري جو معائنو ڪري علاج شروع ڪري ھڪ ھفتي لاء دوائون پڻ ڏنيون ويون ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھيندي اي ڊي سي ڪبيرشاھ چيو ته ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ڊي سي صاحب جي حڪم تي ڊاڪٽرن جي ٽيم وٺي پھتو آھيان نوجوان ناري جو مڪمل علاج ڪرايو ويندو سائيڪاٽرسٽ  ڊاڪٽر ڀرت ڪمار ڳالھائيندي چيو ته سماجي ڌٻاء ۽ زاتي زندگي ۾ حادثن سبب انساني ذھن مونجھارن جو شڪار ٿيڻ بعد توازن وڃائي ويھندو آھي ناري جسماني طور مڪمل صحتمند آھي دماغي توازن درست ناھي مشاھدي بعد علاج جو پھريون مرحلو شروع ڪيو آھي اميد ته جلد صحتياب ٿي ويندي اھڙا ڪيترائي مريض اڳ ۾ ٺيڪ ٿي ويا آھن اھڙن مريضن کي زنجيرن سان ٻڌڻ بجاء علاج ڪرايو وڃي ناري جو مفت علاج ڪرايو ويندو مائٽ به ناري سان سٺو رويو رکن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.