حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين جا انصاف لاءِ مظاهرا

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مختلف ڌرين پاران مسئلن جي حل لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويو، ان موقعي تي پاڪستان منرل ۽ مائينز ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ايمپلائيز يونين لاکڙا ڪول مائينز ڄامشورو جي ملازمن پاران لاکڙا ڪول مائينز مان ڪوئلي چوري ۽ ملازمن کي چئن مهينن جي پگهار نه ملڻ خلاف حاجي مدد علي کوسو، حاجي پيرمدار، عمران احمد هليو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مورو جي رهواسي پير خير محمد ڳوٺ ۾ واقع درگاهه مخدوم محمد علي ۽ ڳوٺ جي قبرستان واري زمين تي بااثر ماڻهن جي قبضي خلاف احتجاج ڪيو ويو. حيدرآباد جي علائقي راهوڪي جي ڳوٺ ملنگ ميربحر جي رهواسي دلبر ملاح پ پ ڪائونسلر نديم علي جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ساڻس ٿيل ناانصافي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.