نواز شريف ٺيڪ ٿيڻ بعد جلد وطن واپس ايندو: شهباز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف چيو آهي ته نواز شريف جو علاج جاري آهي ۽ هو ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ جلد ئي وطن واپس ايندو.

شهباز شريف لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميان نواز شريف جو علاج جاري آهي، قوم سان درخواست آهي ته هو الله تعالٰي کان نواز شريف جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن ۽ هو خيريت سان وطن واپس اچي وڃي.

شهباز شريف چيو ته عمران خان راڻا ثناءُ الله جي باري ۾ انتهائي تذليل جوڳيون ڳالهيون ڪيو، هو مسلم ليگ ن پنجاب جو صدر ۽ قابل احترام شخص آهي، عمران خان هوش سان ڪم وٺي ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان پاسو ڪري.

اپوزيشن ليڊر چيو ته راڻا ثناءالله يوٽرن تي يقين ناهي رکندو، هو عمران خان جيان غلط بياني ناهي ڪندو، عمران خان هن بابت جيڪي لفظ استعمال ڪيا آئون نه چاهيندس ته ڪو عمران خان صاحب جي باري ۾ به اهڙا لفظ چوي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.