زرتاج گل وزير اعظم عمران خان جي مسڪراهٽ کي قاتل قرار ڏئي ڇڏيو…!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماحوليات واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قاتل مسڪراهٽ ڏسي سڀ خدشا ختم ٿي ويندا آهن.

زرتاج گل جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان  هڪ خوشگوار شخصيت جو مالڪ آهي ۽ اهڙي بحران ۾ به جڏهن هو ايندو آهي ته کيس ڏسي اسان جي ذهن ۾ موجود خدشا ختم ٿي ويندا آهن.

وفاقي وزير چيو ته اسان جي حڪومت رشتيداري تي ناهي  هلي رهي، پي ٽي آءِ رشتيدارن کي ناهي نوازيو ۽ مقرريون ميرٽ تي ٿيون آهن، اسان جي حڪومت ۾ وڏو ڀاءُ وزيراعظم ۽ ننڍو ڀاءُ وزيراعليٰ ناهي بڻجندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ زرتاج گل چيو ته خواجه آصف ته پارليامينٽ ۾ به عورتن جي خلاف ڳالهائيندو آهي، اخلاقيات جو جنازو ته راڻا ثناء الله جون ڳالهيون ٻڌي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي هن چيو ته 2010ع ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پ پ حڪومت تي به تنقيد ڪئي هئي، سنڌ اسمبلي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل خلاف قراداد منظور ڪئي هئي، رپورٽ ۾ ڪرپشن بابت ناڪاري تاثر ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.