نواز شريف کي ايندڙ هفتي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم جي پٽ حسين نواز جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي ايندڙ هفتي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو.

تفصيل موجب مسلم ليگ ن جي سربراهه جي پٽ حسين نواز چيو آهي ته ايندڙ هفتي نواز شريف کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويندو جتي اينجوگرام جي ذريعي دل جي بند شريانين جو جائزو ورتو ويندو.

حسين نواز جو چوڻ هو ته انجيوگرام ٽيسٽ ۾ استعمال ٿيل دوائن جو بڪين تي اثر پوندو آهي، بڪين ۾ تڪليف تي شريانين جي لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائن جي مقدار کي گهٽ رکيو ويندو.

حسين نواز وڌيڪ چيو ته باءِ پاس جي امڪانن کي به ختم نٿو ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.