زينب الرٽ ۾ ڦاهيءَ جي سزا هئي پر ڪجهه پارٽين مخالفت ڪئي…!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت جي تجويز ڪيل زينب الرٽ بل ۾ ڏوهي لاءِ ڦاهيءَ جي سزا رکي وئي هئي پر ڪجهه پارٽين پاران ان جي مخالفت ڪئي وئي.

قصور ۾ ڏاڍائي جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙي زينب جي ٻي ورسي جي موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر زينب جي گهر پهچي سندس گهروارن سان ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته حڪومت جي تجويز ڪيل زينب الرٽ بل ۾ ڦاهي جي سزا هئي پر ڪجهه پارٽين پاران ڦاسي واري سزا جي مخالفت ڪئي وئي پر هو اهڙن ڪيسن ۾ ڦاسي جي سزا جي حمايت ڪندا آهن.

وفاقي وزير چيو ته رياستي نظام جي ان کان وڌيڪ ڪا خوش قسمتي نه هوندي ته معصوم ٻارن لاءِ اهو بل پاس ٿيو، وفاق کانپوءِ سمورن صوبن ۾ به زينب الرٽ بل منطور ڪرائينداسين، سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن گهٽ عمر واري معصوم ٻارڙين سان ڏاڍائي واري ڪيسن کي روڪي سگهجي، عدليه، پوليس ۽ پورو پاڪستان جيڪڏهن ان تي متفق ٿي وڃن ته اهڙن واقعن کي قابو ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت جي هڪٻئي تي تنقيد جهموريت جو حصو آهي، اسان کي رياست جي ضرورت ان ڪري آهي جو ڪمزور جي حفاظت ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.