پاڪستان ۾ سستي ترين موبائل متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور موبائل آپريٽنگ ڪمپني جيز پاڪستان ۾ دنيا جي سڀ کان سستي سمارٽ فون متعارف ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

جيز ڊيجيٽ 4 نالي ان فون کي پاڪستان جي سمارٽ فون قرار ڏنو ويو آهي جنهن کي گذريل ڏينهن متعارف ڪرايو ويو هو.

ڪمپني موجب جيتوڻيڪ هن وقت ملڪ ۾ وائيس ۽ ڊيٽا ٽيرف ريٽن ۾ گھٽتائي آئي آهي پر انٽرنيٽ تائين پهچ جي حوالي سان سڀ کان وڏي رنڊڪ سمارٽ فون جا اگھه آهن.

جيز ان فون لاءِ ڪاءِ او ايس ٽيڪنالوجي جي سان ڀائيواري ڪئي آهي ۽ ان کي دنيا جي سڀ کان سستي سمارٽ فيچر فون قرار ڏنو آهي.

ان فون جو اگھه 1800 رپيا رکيو ويو آهي ۽ ان کي خريد ڪرڻ لاءِ واهپيدار کي هڪ سال لاءِ جيز سروس وٺڻي پوندي جنهن جي ماهوار فيس 300 رپيا آهي جنهن ۾ هڪ هزار موبائيل منٽ، هڪ هزار ايم ڊيٽا، مفت ايس ايم ايس ۽ ڊاڪٽرن کي مفت ڪالنگ سان گڏ پهرين ٽن مهينن تائين فيس بڪ ۽ واٽس ايپ سروس مفت هوندي.

ان فون سان گڏ جيز سپر فور جي سم ملندي ۽ واهپيدار ان ۾ واٽس ايپ، فيس بڪ، يوٽيوب، گوگل ميپس، گوگل وائس ۽ ٻين 20 ايپس تائين پهچ ڪاءِ اسٽور جي مدد سان حاصل ڪري سگھندا.

ڪاءِ او ايس ايڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس کان پوءِ هن وقت دنيا جي ٽين وڏي موبائيل آپريٽنگ سسٽم سمجهو ويندو آهي جڏهن ته فون ۾ فرنٽ ۽ پٺيان هڪ، هڪ ڪيمرا، بلوٽوٿ، واءِ فاءِ ۽ هاٽ اسپاٽ جهڙا فيچر به هوندا.

ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان فون کي متعارف ڪرائڻ جو مقصد مهانگن فونن جي سگھه نه رکندڙ ماڻهن تائين 4 جي سروس پهچائڻ آهي جيڪي هن وقت فيچر ۽ 2 جي فون استعمال ڪري رهيا آهن.

ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ثانيا نشتر چيو ته ٽيڪنالوجي جي مدد سان گھٽ آمدني وارن ماڻهن کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڏني وڃي، هن وقت غريب عورتون ڊجيٽل دنيا کان ٻاهر آهن ۽ اهڙي طرح قدمن سان غربت ۾ گھٽتائي آڻڻ جي ڪوششن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.