حيدرآباد جا ڳوٺ گيس جي سهولت کان محروم ڇو.؟

امتياز چانڊيو

حيدرآباد ضلعو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، چئن تعلقن تي مشتمل هن ضلعي جي لطيف آباد تعلقي جي ٻهراڙي، قاسم آباد جي ٻهراڙي ۽ حيدرآباد ٻهراڙي تعلقي ۾ قدرت جون انيڪ معمتون موجود آهن، زراعت، تيل ۽ گيس جي وڏي پيداوار ڏيندڙ حيدرآباد جي ٻهراڙي جا ڳوٺ هن وقت به سئي گيس جي سهولت کان مڪمل طور تي محروم بڻيل آهي، توڙي جو حيدرآباد ٻهراڙي مان روزانو تيل ۽ گيس جي تمام گهڻي پيداوار ٿئي ٿي، پر ان جي باوجود مقامي ماڻهن کي سئي گيس جي سهولت نه ملي سگهي آهي، احتجاجن ۽ دانهن جي باوجود ماڻهن جو هي بنيادي مسئلو حل نٿو ٿئي، جنهن ڪري هتان جا مقامي ماڻهو هن جديد دور ۾ ڪاٺين تي کاڌو پهچائڻ تي مجبور آهن، ڪاٺين مان نڪرندڙ زهريلي دونهي سبب عورتون پنهنجو نور وڃائي ويهن ٿيون.

حيدرآباد ضلعي ۾ ٽنڊوعالم مري، ڪنر، نورائي، پاساڪي، لاشاري، سونو ۽ ٺوڙها آئل ۽ گيس ڏيندڙ فيلڊون هن وقت به وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گيس جي پيداوار ڏئي رهيون آهن، جنهن سان سڄي ملڪ کي وڏو فائدو پئجي رهيو آهي، پر ان قدرتي وسيلن جو فائدو نه ملي رهيو آهي ته اهو ان ئي ڌرتي جي ڌڻين کي نٿو ملي، جيڪي هن ڌرتي ۽ وسيلن جا مالڪ آهن، توڙي جو عالمي قانون موجب قدرتي وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ ۽ ان ۾ روزگار ملڻ جو سڀ کان پهريون حق مقامي ماڻهن جو هوندو آهي، جيڪي اتان جا اصلوڪن رهواسي آهن، پر هتي ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي، مقامي ماڻهن کي نااهل قرار ڏئي کين روزگار کان محروم رکيو وڃي ٿو ۽ مقامي ماڻهن کي سئي گيس جي سهولت کان محروم رکيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:سيوھڻ عدالت ۾ زيادتي جو واقعو، مظلوم دوست موقف جو سوال

سنڌ 71.72 سيڪڙو گيس پيدا ڪري ٿي ۽ سنڌ جي استعمال لاءِ 30 سيڪڙو گيس ڪافي ڄاڻايو ويو آهي، پر ان جي باوجود سنڌ ۾ لڳاتار گيس جي لوڊشيڊنگ، پريشر گهٽ ۽ سنڌ جون سي اين جي اسٽيشن بند رکڻ وارو مسئلو مسلسل جاري آهي، جڏهن ته گيس نه ملڻ ڪري حيدرآباد جي چوڙي صنعت کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، سنڌ جا ماڻهو ان خلاف احتجاج ڪن ٿا، پر وفاق سنڌ جو آواز ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، وسيلن جا مالڪ ئي وسيلن کان محروم آهن، جڏهن ته حيدرآباد ٻهراڙي جا ڳوٺ واڻڪي وسي، گيلو نوناري، صالح دل، ڄام خان لغاري، حاجي خان وٽو، حاجي خان ڪلهوڙو، مريد خان لغاري، الهه رکيو سولنگي، حاجي وسايو ڀٽي، قادر بخش لاشاري، صاحب خان چانڊيو، رامچند ڪولهي، شادي خان لغاري، عالم خان پالاري سميت ڪيترائي ڳوٺ، لطيف آباد جا ڳوٺ بچل شورو، سيري، کٿڙ، عدل نوناري ڳوٺ سميت سمورا ڳوٺ ۽ قاسم آباد جا سنڌي آبادين وارا ڳوٺ هن وقت به ايڪهين صدي جي هن سڌريل دور ۾ به سئي گيس جهڙي سهولت کان محروم بڻيل آهي، چونڊيل نمائندا اليڪشن مهم دوران ماڻهن کي سئي گيس سميت بنيادي سهولتون پهچائڻ جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا رهن ٿا، پر اليڪشن کٽي اچڻ کان پوءِ عوام سان ڪيل اهي واعدا پورا نٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري ٽنهي تعلقن جا بي پهچ ڳوٺاڻا بنيادي سهولتن کان محروم بڻجي رڳو احتجاج ڪندا رهن ٿا پر لاڳاپيل اختيارين جي ڪن تي جون به نٿي سري.

حيدرآباد جي يو سي سانوڻ خان گوپانگ ۾ قائم ڪنر آئل فيلڊ ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو گيس پلانٽ قائم ٿيل آهي، پر ان فيلڊ سان لڳو لڳ ڳوٺ جا ماڻهو گيس جي سهولت کان محروم آهن، اهڙي عمل خلاف رهواسين احتجاج به ڪيو، رهواسين چواڻي ته ڪنر آئل فيلڊ ۾ سوين ماڻهن جي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي، پر او جي ڊي سي ايل انتظاميا آئل فيلڊ ۽ گيس پلانٽ ۾ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، پنجاب سوڌو مختلف علائقن مان 300 کان وڌيڪ غير مقامي ماڻهو گهرائي گيس پلانٽ ۾ مقرر ڪيا ويا آهن، ڪنر آئل فيلڊ ۽ گيس پلانٽ مان روزانو ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گيس حاصل ٿي رهيو آهي، پر او جي ڊي سي ايل انتظاميا علائقي ۾ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو آهي ۽ نه ئي علائقي واسين کي گيس جي سهولت ڏني وئي آهي، جنهن ڪري مقامي ماڻهو احساس محرومي جو شڪار ٿي رهيا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڊجيٽل ميڊيا ۽ ڄاڻ تائين رسائي بابت ايندڙ وقت جون گهرجون

ڪيتري ئي وقت کان وٺي حيدرآباد ٻهراڙي جا ڳوٺ ننڌڻڪا بڻيل آهن، توڙي جو ٽنڊومحمد خان سان تعلق رکندڙ سيد نويد قمر سئي گيس جو وفاقي وزير به رهي چڪو آهي، پر ان جي هوندي به سندس ئي تڪ جا سوين اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي سئي گيس جي سهولت کان محروم آهن. اليڪشن ۾ چونڊجي ايندڙ اميدوار رڳو شهري آبادين تي ڌيان ڏئي ايندڙ بجيٽ خرچ ڪن ٿا، پر ٻهراڙيون نظرانداز ٿيل آهن، گيس سميت ڪا به بنيادي سهولت نه هجڻ ڪري ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن، عورتون ڪاٺين تي کاڌو تيار ڪن ٿيون، جنهن مان زهريلو دونهو نڪرڻ ڪري اڪثر عورتون نور جهڙي نعمت وڃائي ويهن ٿيون، حيدرآباد ٻهراڙي جي ڳوٺن کي سئي گيس جي سهولت ڏئي ڳوٺاڻن کي پريشانيءَ کان بچائڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي ماڻهن کي رڳو دلاسا ڏيڻ بجاءِ عملي ڪم ڪري ڳوٺاڻن کي سئي گيس جي سهولت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.