‘‘هواوي’’ گوگل ميپس جو متبادل ‘‘ٽام ٽام’’ ڳولي ورتو

شين زين (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ گوگل سروسز کان محرومي کانپوءِ ‘‘هواوي’’ پاران متبادل ايپس ۽ سروسز جي تياري تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ هاڻي ان فهرست ۾ سڀ کان اهم اڳڀرائي ‘‘ٽام ٽام’’ جي نالي سان سامهون آئي آهي جيڪا چيني ڪمپني جي ڊوائسز ۾ گوگل ميپس جي جاءِ والاريندي.

ڊچ نيوي گيشن ۽ ڊيجيٽل ميپنگ ڪمپني ‘‘ٽام ٽام’’ هواوي کان معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ چيني ڪمپني کي پنهنجي ايپس لاءِ ٻيون سروسز استعمال ڪرڻ جو موقعو ملي سگهندو.

هواوي پاران ڄاڻايل معاهدو آمريڪي پابندين کانپوءِ اينڊرائيڊ جي متبادل آپريٽنگ سسٽم هارموني کي گذريل سال آگسٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو پر ان کي سمارٽ فون جي جڳهه في الحال سمارٽ ٽيليوزن يا اهڙين ئي مصنوعاتن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.