ڪراچي ۾ هر سال 700 ماڻهو ٽريفڪ حادثن ۾ ٿڏي تي ئي فوت ٿين ٿا…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي ماهرن چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر سال 700 ماڻهو ٽريفڪ حادثن ۾ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويندا آهن.

ڪراچي ۾ ريسرچ اينڊ اپ ڊيٽ ان نيورو سائنسز سيمينار منقعد ٿيو جتي اڳوڻي سربراهه نيوروٽراما ڊاڪٽر رضا علي سميت ملڪ جي مشهور نيورو سرجنز خطاب ڪيو.

سيمينار ۾ نيوروسرجنز پنهنجي اسپتالن ۾ نيورو ٽراما ۽ دماغي بيمارين ۽ ان جي علاج بابت پنهنجا تجربا شيئر ڪيا ۽ حڪومت تي ضلعي سطح تي نيورو ٽراما سينٽر ٺاهڻ تي زور ڏنو.

اڳوڻي سربراهه نيورو ٽراما ڊاڪٽر رضا علي خيرات سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ هر سال 33 هزار مان 82 سيڪڙو ماڻهو موٽر سائيڪل تي هليمٽ نه پائڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سان متاثر ٿيندا آهن، روڊ ٽريفڪ حادثن سبب 700 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويندا آهن.

ماهرن چيو ته مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ پهرين ڪلاڪ کي گولڊن آور چيو ويندو آهي جنهن ۾ انسان جي زندگي محفوظ بڻائڻ جو موقعو وڌيڪ هوندو آهي، پر مريض جو وقت تي اسپتال پهچڻ ضروري هجڻ سان گڏ جيڪڏهن مريض جو ائيرويز مينيجمينٽ ڪري وٺن ته 50 سيڪڙو ماڻهن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.