دادلغاري لڳ ڏهر واهه تان وڻ وڍي ڪاٺ ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

داد لغاري (رپورٽ:  امجد لغاري ) داد لغاري ڀرسان لوئر ڏهرواهه جي آرڊي 63 کان 76 تائين واهه تي مقرر عملو بيلدار ۽ داروغو ملي ڀڳت ڪري واهه جي ڪپرن تي بيٺل ڪروڙين روپين جا قيمتي وڻ وڍائي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جڏهن ته قيمتي وڻ وڍجڻ بعد واهه جا ڪپر انتهائي ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ ڪپرن تي کڏا هجڻ ڪري ڪنهن به وقت لوئر ڏهر واهه جي ڄاڻايل آر ڊين وٽان پاڻي جي چاڙهه سبب گهارو پوڻ ڪري تيار ٿيل فصلن کي سخت نقصان ٿيڻ جو خدشووڌي ويو آهي ۽ هڪ سال اڳ ڊي سي گهوٽڪي پاران ضلعي کي سرسبز ڪرڻ لاءِ سموري ضلعي اندر وڻ پوکيو جي مهم کي لوئر ڏهرواهه تي مقرر عملو ان جي ابتڙ ڪم ڪندي ڪروڙين روپين جي وڻن جي واڍي ڪرائي سرسبز ضلعي جي ابتڙ دشمن پاليسين کي اختيار ڪندي واهن جي سونهن کي وڃائڻ کي ڪابه ڪثر نه ڇڏي آهي ٻي طرف ڳوٺاڻن حسن پتافي ، امير حمزا ۽ ٻين چيو ته لوئر ڏهرواهه جي آرڊي 63 کان 76 تائين واهه تي بيٺل ڪروڙين روپين جا قيمتي وڻ وڍائي عملدارن ملي ڀڳت ڪري قيمتي وڻ وڍي واهه جي سونهن وڃائي واهه ۾ کڏا هڻائي ڪپر پڻ ڪمزور ڪري ڇڏيا آهن هنن چيو ته ڪنهن به وقت پاڻي جي واهه ۾ چاڙهه اچڻ بعد گهارو پئجي سگهي ٿو ۽ فصلن کي پڻ شديد نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي هنن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ايريگيشن کاتي جي اعلي عملدارن کان وڻن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاچ ڪري سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.