جسقم خلاف طاقت جي زور تي سازشون ڪيون پيون وڃن: اڳواڻ

مورو  (ت ر ) شاهپورجهانيان ۾ ڏڦيڙن  پاران جسقم جي ڪارڪنن خلاف غلط پروپيگنڊا ۽ ڪوڙي بيان بازي ڪرڻ خلاف جسقم ضلعي نوابشاهه  جي صدر علي رضا خاصخيلي ،سرفراز ميمڻ ،بادل بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  جسقم خلاف ڪوڙي پروپيگنڊا ڪندڙ شرپسندن پاران شاهپورجهانيان ۾ پاڻ کي جسقم جو ڄاڻائڻ کانپوءِ ڪجهه  شرپسند سرڪاري ماڻهن جي مدد سان سائين جي ايم سيد جي فڪر جي تبديلي جا بيان ڏياري رهيا آهن، جڏهن ته  هٿرادو پريس ڪانفرنس ڪرايل يارنهن ماڻهو جو جسقم سان تعلق نه هو ۽ نه ئي اهي جسقم جا ميمبر هئا، جن کي سرڪار جي حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي،

هنن وڌيڪ چيو ته  طاقت ۽ لالچ جي زور تي جسقم خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، چند شرپسند عناصر پنهنجن ماڻهن کان پريس ڪانفرنسون ڪرائي جسقم جو ڄاڻائي پنهجنا نمبر ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن.5

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.