ملاحن سان ظلم بند نه ٿيو ته احتجاجي تحريڪ هلائبي: آدم گندرو

ڌاٻيجي (ن ع آ) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي چيو ته ملاحن کان مڇي مارڻ جو بااثرن کسي  انهن  کي بک ۽ بدحالي گهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي، هڪ پاسي وڏيرن مظلوم ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي  ته ٻئي پاسي چونڊيل نمائندن   به ملاحن جا حق کائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي، هنن چتاءُ   ڏيندي چيو ته ملاحن سان نا  انصافي بند نه ڪئي وئي ته سڄي سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن ۽ وڏيرن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

ايس ايس ٽي جو پهرين مارچ کي ميڙاڪو ڪوٺائي باڊي چونڊڻ جو اعلان

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنا.ئيزنگ ڪميٽي جو اجلاس ايس ايس ٽي جي مرڪزي آرگنائيزر پرديپ گلاب جي صدارت ۾ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پهرين مارچ تي حيدرآباد ۾ ايس ايس ٽي جو مرڪزي ڪنويشن ڪوٺائي ايس ايس ٽي جي نئين باڊي چونڊي ويندي، ڪنوينشن جي تياري لاءِ 9 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جي پهرين گڏجاڻي 25 جنوري 2020 تي رکي وئي، اجلاس ۾ چيو ويو ته دائود يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي بي دخل ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، دائود يونيورسٽي ۾ هڪ ته سنڌي شاگردن کي داخلائون ڪونه ٿيون ملن ٻيو ته يونيورسٽي ۾ ٻين ڌرين طرفان ڪيل سرگرمين تي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اجلاس ۾ مختلف ضلعن جا دورا رکيا ويا. اجلاس ۾ عاطف ملاح، حميد انقلابي، سرواڻ هاليپوٽو، سنجي ميرواهي، ڪاشف ملاح، غلام علي زنئور، مرتضى پرهياڙ، منظور سوڍر ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.