” ايس ڊي او هٽائي بجلي بحال ڪيو“ فريدآباد  ۾شهري رستن تي نڪري آيا، ڌرڻو

فريدآباد  (رپورٽ: معشوق چانڊيو ) فريدآباد  شھر ۽ ڳوٺن جي 21 ڏينهن کان بجلي بند ھجڻ خلاف فريدآباد  ۾  واپارين دڪاندارن ۽ شھرين پ پ اڳواڻ غلام نبي مڱڻھار،  ڪائونسلر محرم رند،  ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح  گائينچو،  حفيظ احمد ڏيرو،  رفيق احمد مڱڻھار، امام بخش رند،  وسيم ڏيرو،  قدير خان ڏيرو فھد بروھي،  ستار چنا ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ڊي او واپڊا ميھڙ خلاف سخت نعريبازي ڪري ڌرڻو ھنيو،  ھنن چيو ته 21 ڏينهن گذري ويا آهن بجلي بند آهي شھري ڪاروبار ڪري نٿا سگهن،  ھنن چيو ته بجلي جا بل به پياريون ٿا پر ايس ڊي او رشوت کان سواءِ بجلي بحال نٿو ڪري عوام سخت پريشان آهي ـ ھنن چيو ته فريدآباد  فيڊر ۽ خان فيڊر مڪلمل طور بند آهن ڳوٺن ۾ بجلي ناھي ڪوبه  آفيسر  ايڪشن کڻڻ وارو ناهي، ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مرادعلي شاھ،  تڪ جي نمائندن ۽ سيپڪو سکر کان گھر ڪئي ته واپڊا ايس ڊي او ميھڙ کي ھٽائي  فريدآباد  شھر ۽ ڳوٺن جي بجلي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.