حيدرآباد ۾ مزدورن جو اجرت لاءِ مظاهرو

حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان منرل ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن (پ ايم ڊي سي) ايمپلائيزيونين لاکڙا ڪول مائينز ڄامشورو جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه به حاجي مدد علي کوسو، حاجي پيرمدار، عمران احمد هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت پاران پي ايم ڊي سي جي زير اثر هلندڙ لاکڙا ڪول مائينر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ بعد عدالتي حڪم تي ڪوئلو ڪڍڻ وارو ڪم بند پيل آهي،  بااثر ماڻهو پوليس جي مدد سان لکين روپين جو سرڪاري ڪوئلو ڪڍي چوري ڪري رهيا آهن جن کي ڪري به روڪڻ وارو نه آهي. هنن چيو ته لاکڙا ڪول مائينر جي وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار کان پوءِ لاکڙا ڪول مائينر جا 116 ملازم گذريل 4 مهينن کان پگهارون بند هجڻ سبب سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيان آهن.

هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، وفاقي وزير پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزير سميت سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته قومي مفادن تحت لاکڙا ڪول مائينر جي تڪڙو فيصلو ڪري ملازمن جون بند پيل پگهارون جاري ڪري انهن جو مستقل بچايو وڃي ۽ قومي خزاني کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪوئلو چوري ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.