ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار جي قاتلن سميت ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

پوليس موجب 14 جنوري تي ڪراچي ۾ شهيد ڪيل اهلڪار عرفان جي ڪيس ۾ ملوث 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن ۾ نادر شاهه، فهد، ارمان عرف ماني ۽ راجو شامل آهن.

جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ پوليس اهلڪار عرفان کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته واقعي واري رات هنن نيو ڪراچي صنعتي ايريا واري علائقي مان ڪجهه دڪانن تان ڦر ڪئي ۽ ڦر ڪيل رقم هڪ ٻئي ۾ ورهائڻ لاءِ سيڪٽر 5 ايف ۾ عيد گاهه گرائونڊ آيا ته اتي اهلڪار عرفان چيڪنگ لاءِ کين روڪيو، ان دوران خوف وچان هنن اهلڪار تي فائرنگ ڪئي.

هوڏانهن پوليس گلشن اقبال مان چئن ڦورن، عوامي ڪالوني مان ٻن ڦورن ۽ لياري مان ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.