سعيد غني جو عمران خان کان معافي جو مطالبو…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪڻڪ جو بحران سڄي ملڪ ۾ آهي، جنهن جو سبب وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي.

حڪومتي ميمبرن جي بيانن تي ردعمل ڏيندي سعيد غني چيو ته سنڌ ۾ اٽي جي بحران جو سبب ٽرانسپورٽن جي هڙتال هئي، جيڪا 10 ڏينهن جاري رهي، ڪڻڪ پنجاب ۽ بلوچستان جي گدامن مان سنڌ کي منتقل ڪرڻي هئي، جيڪا وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب اتان هتي منتقل نه ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته هڙتال ختم ٿيڻ کانپوءِ هاڻي 70 هزار ٻوريون سنڌ ۾ اچي چڪيون آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته ان رفتار کي وڌيڪ تيز ڪريون ته جيئن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي کوٽ ختم ٿئي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي ڪوتاهي آهي ته پنجاب ۾  ڪڻڪ جي بحران جو ڇا سبب آهي؟ وزيراعظم پنهنجي ان نااهلي تي قوم کان معافي وٺي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.