پاڪستاني وفد ايف اي ٽي ايف ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو

 

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني وفد فنانشنل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) سان ڳالهين جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو.

چين پهتل پاڪستاني وفد جي قيادت اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير حماد اظهر ڪري رهيو آهي، جتي ايف اي ٽي ايف جو ٽن ڏينهن لاءِ ڳالهين جو اجلاس 21 جنوري کان 23 جنوري تائين بيجنگ ۾ ٿيندو.

ذريعن موجب پاڪستان جون بيجنگ ۾ ايف اي ٽي ايف اختيارين سان 21 جنوري کان سڌي ريت ڳالهيون ٿينديون.

پاڪستاني وفد ۾ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا)، ڪيٽمز، اسٽيٽ بئنڪ، فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم او)، پرڏيهي ۽ گهرو وزارت جون اختياريون شامل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني وفد ڳالهين کان اڳ 20 جنوري تي گڏيل ميٽنگ به ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.