پاڪستان ۽ چين سي پيڪ جي شفافيت لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: نيب چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته نيب گڏيل قومن جي انسداد بدعنواني ڪنوينشن (يو اين سي اي سي) تحت بدعنواني جي روڪٿام لاءِ فوڪل ادارو آهي، نيب بدعنواني جي روڪٿام لاءِ 2020ع ۾ به پنهنجا قدم جاري رکندو، پاڪستان ۽ چين سي پيڪ منصوبن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته نيب 2019ع ۾ بدعنوان عنصرن کان 150 ارب رپيا برآمد ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا، نيب 2018ع ۽ 2019ع ۾ مجموعي طور تي 463845 شڪايتون وصول ڪيون جن مان 450546 شڪايتن کي قانون موجب حل ڪيو ويو جڏهن ته ٻين تي ڪارروائي هلندڙ آهي.

جسٽس جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته هن وقت 859 انڪوائرين تي قانون موجب جاچ جاري آهي، گذريل سال 4406 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي جن مان 4071 انڪوائرين تي قانون موجب ڪارروائي مڪمل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.