منافعي خور ڪڏهن پڪڙ ۾ ايندا

امتياز چانڊيو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي جي اڀار واري سياست کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري تائين سدائين پيپلز پارٽي جو اهو نعرو لڳندي ٻڌو آهي ته “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” عوام جو بنيادي حق آهي، پر ڪجهه وقت کان وٺي پ پ جي حڪومت واري دور جنهن ۾ سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير بڻيل آهي، ان موجوده دور ۾ ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ پ پ جي حڪومت ان نعريٰ جي خلاف عمل ڪري رهي آهي، ڇو ته ماڻهن جي روزمره جي استعمال وارين شين ۾ جهڙي طرح تيزي سان واڌارو اچي رهيو آهي، سچ ته ان ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، پهريان ٽي ويلا آساني سان ماني کائيندڙ ماڻهو هاڻي مهانگائي سبب ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني نٿا کائي سگهن، اوچتو ئي اوچتو ڪڏهن ٽماٽي جو اگهه 50 روپيا ڪلو مان وڌي 400 تي پهچي وڃي ٿو ته ڪڏهن کنڊ جو بحران ڪر کڻي ٿو ته ڪڏهن بصر جي قيمت آسمان تي پهچي وڃي ٿي، ٻاڪرو گوشت ۽ وڏو گوشت کائڻ ته ماڻهن جي هاڻ وس جي ڳالهه ئي ناهي رهي، ڇو ته ان جون قيمتون جيتريون تيزيءَ سان وڌن ٿيون ته مزدور ماڻهو سڄو ڏينهن ڪمائي اچڻ کان پوءِ ڪلو گوشت وٺڻ جي سگهه ئي نٿو رکي، هتي ته مڇي جي قيمت به آسمان تي پهتل آهن، وڌندڙ قيمتن ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر حڪومتي ادارا خاموش بڻيل آهن، سنڌ تي لڳاتار 3 حڪومتون پيپلز پارٽي جون رهيون آهن، پر منهنجي خيال ۾ ان وڏي عرصي ۾ پ پ ماڻهن لاءِ حقيقي ڪم ناهي ڪري سگهي ۽ نه ئي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان واري نعري تي عمل ٿيندي ڏٺو ويو آهي.

ملڪ جي زراعت ۾ اهميت رکندڙ سنڌ جا ماڻهو هن وقت اٽو خريد ڪرڻ لاءِ سخت پريشان آهن، حڪومتي بي حسي چئجي يا منافعي خورن جو طاقتور هجڻ چئجي، جو منافعي خورن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي ته هو ڪيئن ٿا قيمت وڌائين، ڪجهه مهينا اڳ 35 روپيا في ڪلو وڪامجندڙ اٽو هن وقت 65 کان 70 روپيا في ڪلو مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب سرمائيدارن جا ٺٺ ٿي ويا آهن، پر غريب پورهيت ماڻهو هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي، هو ڪيئن پنهنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪري سگهن. ان سلسلي ۾ جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي به اٽي جو اگهه وڌڻ تي سنڌ حڪومت مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي، ماڻهو ته سوشل ميڊيا تي پ پ قيادت کان هڪ ويلي جو اٽو بازار مان خريد ڪرڻ جو مطالبو به ڪري رهيا آهن ۽ اها  حيرت کائي رهيا آهن ته پ پ جي حڪومت آخر روزمره جي شين جي منپسند مقرر ٿيندڙ قيمتن تي خاموش ڇو آهي.

هن وقت حيدرآباد ۾ اٽي جو اگهه چوٽ چڙهي ويو آهي، ماڻهن جو خيال آهي ته آفيسر شاهي ۽ فلور مل مالڪن، اٽي چڪي مالڪن ۽ سرمائيدارن گڏجي اٽي جو اگهه 65 مان وڌائي 70 روپيا في ڪلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي عوام جو اقتدار ڌڻين، سياستدانن، آفيسرن جي نااهلي خلاف سخت رد عمل اچڻ شروع ٿي ويو آهي، ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، پر ڪير به عوام جو ٻڌڻ وارو ناهي، اٽي جو اگهه چڪي ۽ فلور مل مالڪن ملي ڀڳت ڪري ٻن مهينن اندر پاڻمرادو وڌائي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي، مارڪيٽ ۾ اٽي جي في ڪلو جي قيمت 35 روپيا هئي، جيڪا هاڻ وڌي 65 کان 70 روپين تائين پهچي وئي آهي، ڪڻڪ جي اڍائي مڻ واري في ٻوري جو سرڪاري اگهه 3450 روپيا اوپن مارڪيٽ ۾ پاڻمرادو وڌائي 5 هزار روپيا في ٻوري واپاري وڪرو ڪري عوام جو رت چوسي رهيا آهن، خوراڪ کاتي طرفان اٽي چڪي وارن کي 40 سيڪڙو ۽ فلور مل وارن کي 60 سيڪڙو ڪڻڪ جي ڪوٽا سرڪاري اگهه تي ڏني وڃي ٿي، پر ان جي باوجود عوام کي مناسب اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ جو اختيارين سامهون ڊرامو رچائي ڪوٽا تي ڪڻڪ وٺي ذخيرو ڪرڻ بعد عوام کي مهانگي اگهه تي اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، اٽي چڪي ۽ فلور مل مافيا اٽي جا اگهه وڌڻ جو ذميوار سنڌ جي حڪمرانن کي بڻائي ڪڻڪ جي قيمت وڌڻ جو جواز پيش ڪري رهيا آهن.

اليڪشن مهم ۾ عوام سان همدريون ڪندڙ ۽ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي جي حڪمرانن کي شايد عوام جي تڪليف محسوس نٿي ٿئي، پر محسوس ڇو به ٿئي، سنڌي ۾ چوڻي آهي ته “اهو هنڌ سڙي جتي باهه ٻري” سو پيپلز پارٽي ۾ وڏي اڪثريت ۾ زميندار ويٺل آهن، جن سدائين غريبن کي لوڙائي ملڪيتون ٺاهيون آهن، ماڻهن کي هاري ۽  مزدور جي نالي تي لٽيندا رهيا آهن ۽ هنن سدائين سرڪاري خزاني مان ئي کاڌو آهي، انهن ته ڪڏهن هڪ ڪلو اٽي جو بازار مان خريد ڪري کاڌو ئي ناهي، ته انهن کي ڪهڙو احساس ٿيندو ته اٽي يا سبزين جي قيمت وڌي ٿي يا گهٽجي ٿي، انهن کي ته ملندو ئي رهندو، پر منافعي خورن جي منافقي ۾ سدائين مسڪين ۽ غريب ماڻهو پسجندا رهيا آهن، جيڪي سڄو ڏينهن مزدوري ڪري 500 روپيا ڪمائين، اهي پيسا هڪ ڏينهن جي گهر جي خرچ جيترا به نه هجن، سندن ٻچا بکن تي سمهن، زندگي جي سهولتن کان محروم هجن، تعليم پرائي نه سگهن، ڦاٽل ڪپڙا ۽ ڇڳل چپل ئي سندن مقدر بڻيل هجي ٿي. انهن آڏو ته هاڻي “روٽي، ڪپڙا اور مڪان” وارو نعرو فضول لفظ ئي بڻجي ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پ پ جي حڪومت کي گهرجي ته اها سنڌ جي ماڻهن جو درد محسوس ڪري ۽ منافعي خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ڇو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام اڳ ۾ ئي ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪسن جي ڪري پريشان آهي، تيل، بجلي ۽ گيس جي وڌندڙ قيمتن به عوام کي سخت دٻاءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پسجندڙ مسڪين ماڻهن جي واهر گهرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.