ڊينگي جو خاتمو ڪندڙ مڇر تيار

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، آسٽريليا ۽ تائيوان سان واسطو رکندڙ ماهرن گڏيل تحقيق ڪندي اهڙا مڇر تيارڪيا آهن جيڪي ڊينگي وائرس مان متاثر نه ٿي سگھندا: ۽ نتيجي ۾ اهي ڊينگي پکڙجڻ جي وبا به نه بڻبا.

اهو ڪارنامو جديد جينياتي انجينيئرنگ ذريعي انجام ڏنو ويو آهي جنهن تحت ڊينگي پکيڙيندڙ ”ايڊيزا ايجچٽائي“ مڇرن ۾ هڪ خاص طرح جي اينٽي باڊي ٺاهڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي وئي آهي. ان اينٽي باڊي سبب مڇر ان قابل ٿي ويندو جو ڊينگي وائرس نه ته ان کي متاثر ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي ان ذريعي ٻين مڇرن ۽ انسانن تائين پکڙجي سگھي ٿو.

آن لائين طبي رسالي ”پي ايل او ايس پيٿوجنز“  (PLOS Pathogens) ۾ ڇپيل هڪ رپورٽ ۾ ماهرن اميد ظاهر ڪئي آهي ته مستقبل ۾ اهڙي طرح جي جينياتي ترميم ڪيل مڇرن جي وڏو انگ تيار ڪري ان ذريعي ڊينگي وائرس ۽ ان سان ٿيندڙ ڊينگي بخار جي پکيڙ کي روڪي سگھبو.

واضح رهي ته ڊينگي وائرس جا 4 قسم آهن جڏهن ته صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) موجب، ڊينگي وائرس جا چار قسم جنهن سبب سڄي دنيا ۾ هر سال تقريبن 39 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.