ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪري حج مهانگو ڪيو ويو: وفاقي وزير جو اعتراف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪرنسي جي صورتحال اهڙي ناهي جو اسان سستو حج ڪرائي سگهون.

تفصيل موجب وفاقي وزير پير نور الحق قادري چيو ته مون وزير اعظم عمران خان جي چوڻ تي اِها وزارت قبول ڪئي، حاجين جي خدمت وڏي سعادت آهي.

وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪرنس جي اهڙي صورتحال ناهي جو اسان سستو حج ڪرائي سگهون، پيڪيج ۾ واڌ جو سبب سعودي عرب ۾ وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ آهي. هن چيو ته حج پاليسي جلد تيار ڪري اعلان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته حاجين جي خدمت وڏي سعادت آهي، تنقيد ٿيندي آهي ڪرتارپور راهداري کوليو ويو، حج مهانگو ڪري ڇڏيو، ڪرتارپور ۽ حج کي ڪيئن ٿو ڀيٽي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.