نواز شريف جون ميڊيڪل رپورٽون اڻ پوريون قرار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سرڪاري ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جون ميڊيڪل رپورٽون اڻ پوريون قرار ڏئي ڇڏيون.

تفصيل موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت رپورٽون سرڪاري ميڊيڪل بورڊ ڏانهن موڪليون، سرڪاري ميڊيڪل بورڊ رپورٽون اڻ پوريون قرار ڏنيون، نواز شريف جي بلڊ رپورٽون فراهم ناهن ڪيون ويون.

ميڊيڪل بورڊ جي ذريعن چيو آهي ته ميڊيڪل رپورٽ اڻ مڪمل آهي، نواز شريف جا پليٽيليٽس ڪيترا آهن رپورٽ ۾ ناهي ٻڌايو ويو، هن جي جينيٽڪ ٽيسٽ به اپ ڊيٽ ناهي، اڻ مڪمل رپورٽن تي ڪنهن قسم جي راءِ نٿي ڏئي سگهجي.

سرڪاري ميڊيڪل بورڊ حڪومت کي راءِ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، مڪمل رپورٽن تي ئي ميڊيڪل تجويز ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.