ڪراچي: شهر ۾ 2200 سي سي ٽي وي ڪيمرائون اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڏوهارين ۽ اسٽريٽ ڪرائمز تي ڪرڙي نظر رکڻ جي لاءِ ڪراچي شهر ۾ 2200 ڪلوز سرڪٽ (سي سي ٽي وي) ڪيمرائون اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اختيارين موجب گهرو کاتي جي سفارش تي سنڌ حڪومت صوبائي راڄڌاني ۾ پراڻيون ڪيمرائون اپ گريڊ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي.

ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهرو کاتي کي پراڻيون ڪيمرائون اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ سمري موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اختيارين موجب ست سئو کان وڌيڪ ماڳن تي پراڻين ڪيمرائن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

گهرو کاتي موجب ڪراچي ايئرپورٽ کان شاهراهه فيصل، ميٽرو پول کان سنڌ سيڪريٽريٽ، گورنر هائوس ۽ سي ايم تائين سي سي ٽي وي ڪيمرائون اپ گريڊ هونديون.

اختيارين موجب ايئرپورٽ کان ريڊ زون تائين ڪيمرائن جي مرمت ڪري انهن جي رڪارڊنگ جو سسٽم اپ گريڊ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.