پنجاب حڪومت جو اورنج لائن ٽرين 23 مارچ کان هلائڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت اورنج لائن ٽرين 23 مارچ 2020ع کان عوام لاءِ هلائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊويلپمينٽ حامد يعقوب شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ طئه ڪيو ويو ته اورنج لائن ٽرين بابت چيني ٺيڪيدار وقت سر ڪم مڪمل ڪندا ۽ اورنج لائن ٽرين پراجيڪٽ کي مارچ ۾ هر صورت ۾ کوليو وڃي.

چيئرمين پي اينڊ ڊي حامد يعقوب شيخ چيو ته 23 مارچ تي باقاعده اورنج لائن ٽرين عوام لاءِ کولي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.