گيس هيٽر مان باهه لڳڻ سبب ٻه عورتون سڙي فوت

سيالڪوٽ: ڪمري ۾ ٻرندڙ گيس هيٽر مان باهه لڳڻ سبب ٻه عورتون سڙي فوت

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ گيس هيٽر سبب ڪمري ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سڳيون ڀيڻون سڙي فوت ٿي ويون.

پوليس موجب سيالڪوٽ جي علائقي رنگپوره ۾ باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو جتي ٻه ڀينرون ڪمري ۾ سمهي رهيون هيون ته اوچتو ويجهو هلايل گيس هيٽر مان بيڊ شيٽ کي باهه لڳي وئي.ڪمري ۾ باهه لڳڻ سبب ٻئي ڀيڻون موقعي تي ئي فوت ٿي ويون.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي وقت گهر ۾ ڪو به موجود نه هو جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.