وزيراعظم گرين لائين بس منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جي گرين  لائين بس منصوبي کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي ناراض اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم کي پرچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي، ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جا جائز مطالبا جلد کان جلد حل ڪيا وڃن ۽ سنڌ اسمبلي جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊ به فراهم ڪيا وڃن.

وزيراعظم عمران خان گرين لائين بس منصوبي کي به جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

واضح رهي ته 12 جنوري تي وفاقي حڪومت ۾ شامل متحده قومي موومينٽ جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪراچي بابت ڪيل واعدا پورا نه ڪرڻ تي وزارت ڇڏڻ ۽ ڪابينا کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.