چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقررين بابت اجلاس بنا نتيجي ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي مقرري جي معاملي تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس هڪ ڀيرو ٻيهر بنا نتيجي جي ئي ختم ٿي ويو.

پارلياماني ڪميٽي جي حڪومتي ميمبر اعظم سواتي ٻڌايو ته بلوچستان ۽ سنڌ مان هڪ نالو حڪومت ۽ هڪ اپوزيشن مان هجڻ گهرجي.

هن چيو ته گهڻو ٿي ويو، هاڻي اتفاق راءِ پيدا ٿيڻ گهرجي، چاهيون ٿا ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي نالي تي اتفاق راءِ ٿئي، چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ نالو بند لفافي ۾ آهي پر اسان پنهنجا نالا ڪميٽي ۾ اڃا تائين شيئر ناهن ڪيا.

اعظم سواتي چيو ته سومر واري ڏينهن جيڪڏهن اتفاق راءِ نه ٿي ته اڱاري واري ڏينهن ٻئي فارمولي تي ڪم ڪنداسين.

ٻئي پاسي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مشاهد الله خان چيو ته اميد آهي سومر واري ڏينهن ٿيندڙ اجلاس ۾ اسان اتفاق راءِ جي ويجهو پهچي وينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.